Skip to main content

Featured

ماہرین کا کہنا ہے کہ وائٹ ہولز سے پہلے بلیک ہولز کو سمجھنا بہت ضروری ہے، بلیک ہولز مکمل کشش ثقل والے علاقے ہیں جہاں کشش ثقل کائنات کی دیگر تمام قوتوں کو مغلوب کر دیتی ہے۔ بلیک ہولز کی کشش کسی بھی مادّے کو لامحدود طور پر چھوٹے نقطے تک سکیڑ دیتی ہے، کشش ثقل اتنی زیادہ ہوتی ہے کہ کوئی بھی چیز یہاں تک کہ روشنی بھی بچ  نہیں پاتی۔ ماہرین کہتے ہیں کہ اگر بلیک ہول کے عمل کو اُلٹا کردیں تو بلیک ہول ختم ہوجائے گا اور اس کی جگہ شعاعوں اور ذرات کو خارج کرنے والا وائٹ ہول وجود میں آئے گا

فيصلي واري وقت ۾ عمران خان تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ ڪندو

نااهلي کانپوءِ پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيستائين زنده آهيان مافيا سان وڙهندس، ملڪ فيصلي واري وقت تي آهي، تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ ڪندس. هن چيو ته مان عوام جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جيڪي روڊن تي نڪري آيا ۽ اليڪشن ڪميشن جي جانبداري واري فيصلي خلاف احتجاج ڪيو، عوام پريشاني ۾ آهي، احتجاج بند ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف عدالت وڃڻ وارا آهن. غير قانوني ناهي ڇو ته اسان وٽ سمورا دستاويز موجود آهن، هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف توشه خانو قانون ٽوڙيو، چار قيمتي گاڏيون غيرقانوني طور ٻاهر ڪڍيون ويون، عمران خان چيو ته اليڪشن ڪمشنر هميشه اسان کي چيو، اليڪشن ڪمشنر اسان جي مدد نه ڪئي. اي وي ايم جي معاملي تي به پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ سان تعلق رکندڙ اليڪشن ڪمشنر اي وي ايم مشين کي رد ڪري ڇڏيو، هو ويا پر اليڪشن ڪميشن ڪو به قدم نه کنيو، هن چيو ته اليڪشن ڪمشنر جي مدد ڪرڻ باوجود پنجاب ۾ مسلم ليگ ن شڪست ڏني وئي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جا ماڻهو ڪروڙين رپين جي ڦرلٽ ڪري خريد ڪيا ويا، 25 مئي تي اسان احتجاج ڪيو، پوءِ پوليس بيگناهه شهرين کي تشدد جو نشانو بڻايو، مون تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، هي ماڻهو حڪومت ۾ آهن پر پوءِ به هاري ويٺا آهن. هن چيو ته رات جو پارٽي ميمبرن کي چيو ته صبح جو مون کي نااهل ڪري ڇڏينداسين، مافيا پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عمران خان چيو ته مون کي ۽ نواز شريف کي هڪ ئي ڏيکاريو پيو وڃي. نواز شريف سڀ کان وڏو چور آهي، هن وٽ اربين ڊالرن جا پلازا آهن، هن چيو ته مان جڏهن ڪرڪيٽ کيڏي رهيو هوس ته فليٽ خريد ڪيو ۽ ان جون رسيدون عدالت کي ڏيکاريون، جنهن مون کي صادق ۽ امين قرار ڏنو.